اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس ??وز?? هوم هتي پارليامينٽ ??ائ??س ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چ??و ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي سفير ڊپٽي چ??ئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چ??و ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.