ڪراچي – 13 آگسٽ (اي پي پي) ڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي ايم پي ايز سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي س??ڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. ڪراچي کي ڪير به سنڌ کان جدا ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. ڪراچي س??ڌ جي راجڌاني جو شهر آهي. هن الزام هڻندي چيو ته سنڌ ح??وم?? ڪراچي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. ڪراچي ج?? عوام کي نه پاڻي ملي ٿو نه روڊ آهن نه سرڪاري بسون هلايو ويون آهن. ڪي پي ڪي ح??وم?? پشاور ۾ بي آر ??ي جو 27 ڪلوميٽرن جو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪر?? عوام کي س??ولتون ڏنيون آهن اڄ وزير اعظم افتتاح ڪيو آهي اسان چاهيون ٿا ڪراچي کان حيدرآباد، سکر تائين بي آر ??ي جهڙا منصوبا آندا وڃن ته جيئن کين سفر جون بهتر سهولتون ميسر ٿي سگهن. ڪراچي جو عوام اڄ به ٽٽل بسن جي ڇتن تي س??ر ڪرڻ تي مجبور آهي . اورينج لائن جو 03 ڪلوميٽر جو منصوبو ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. فنڊ سمورا هڙپ ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ به چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپٽ ح??وم?? آهي س??ڌ ج?? عوام کي بنيادي س??ولتن کان محروم رکيو ويو آهي.