اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي باني ميمبر ڊاڪٽر اعجاز احسن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي جي لاءِ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر اعجاز احسن پي ٽي آءِ جو باني ميمبر هو، هن اهڙي مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو جڏ??ن تبديلي جا مخالف اسان جو مذاق اڏائيندا هئا، ڊاڪٽر اعجاز احسن اسان جي پارٽي جي سي اي سي جو ميمبر ?? ا??لا??ن ۾ سدائين شريڪ ٿيندو هو.