لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهو واعدو پورو ڪري ڏيکارين??س، مديني جي رياست جو پهر??ون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي ذميداري رياست جي هوندي آهي، غريب ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڏسي شوڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ عو??م ٻيو ڀيرو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي صحت انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ??اسمين راشد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ انصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.