اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 231 پوائنٽس جي غيرمعمولي اضافي سبب ڪاروبار ج?? شروعات تي قوم ۽ ڪاروباري برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه اسان جي مسلسل محنت ۽ درست پاليسين جي نتيجي ۾ معاشي بحالي جا آثار نمايان ??يڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ ٻيهر ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز شريف معاشي ترقي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جتان ڇڏيو هو اتان ??ري ٻيهر شروعات ٿي رهي ??هي، شديد مايوسين کانپوءِ اميد جو نئون سج اڀري رهيو آهي، قوم کي مبارڪ هجي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۽ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو تيزي سان اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. الله ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر ائين ئي جاري رهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جو ٻج پاڙ پڪڙڻ شروع ٿي ويو آهي. پرخلوص محنت، ديانتداري ۽ سچائي ثمر آڻي رهي ??هي، قائد محمد نواز شريف جي تعمير، ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ويزن تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمل پيرا آهيون، جهڙي طرح 2013ع کان 2018ع دوران ??اڪستان کي توانائي جي بحران، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن مان ڇوٽڪار?? ڏياريو هو، معاشي ترقي آندي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي ??ذبي سان ??اڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻي رهيا آهيون، قومي ترقي ۽ معاشي استحڪام جي سفر کي انهي ??رف ۽ انهي ??ذبي ۽ محنت سان جاري رکڻو پوندو، جهڙي طرح نواز شريف جي قيادت ۾ سي پيڪ ج?? شروعات ڪئي، معيشت بحال ڪئي، مهانگائي 4 سيڪڙو ۽ کاڌي پيتي جي شين ج?? شرح 2 سيڪڙو تي آندي هئي، ترقي ج?? شرح 6.1 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ ساڍا 6 سيڪڙو تي هو، هاڻي ٻيهر ترقي جي انهي ??فر طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻي زراعت، آءِ ٽي، صنعت سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ترقي جو سفر تيز ٿيندو، ٻيهر عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪار?? ڏيارينداسين، نوجوانن جي روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي خودمختياري سان ??ڪمنار ڪنداسين.