اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 1200 ميگاواٽ جو چشما فائيو نيوڪليئر پاور پلانٽ معاهدو پاڪ چين ڊالر جي سيڙپڪاري مثبت قدم آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو دير جو شڪار ٿيڻ تي چين اسان جي مدد ڪئي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي، قوم کي ان معاهدي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1200 ميگاواٽ جي چشما فائيو ائٽمي بجلي گهر جي تعمير جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ چين جي نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير کانسواءِ چيني عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون ??ڄ قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اڄ سي فائيو جوهري توانائي منص??بي جي تعمير جي مفاهمت تي صحيحون ٿيون ??هن، ان منص??بي سان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، اهو منصوبو ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳا??ڻ جو اصولي فيصلو ٿي و??و هو، ان جون ??رطون ??ئي ٿي ويون هيون. گذريل حڪومت ان منص??بي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏ??و هو، هاڻي ان منص??بي کي پڄاڻي تائين پهچا??ڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون ??هن. ان منص??بي تي لاڳت 2017ع جي ئي رکي وئي آهي جنهن سان 30 ارب رپين جي بچت ٿيندي. احسن اقبال، خرم دستگير ۽ پاڪستان جي نئين عسڪري قيادت جا ٿورائتا آهيون ??و انهن ان تي وڏي محنت ڪئي ۽ دلچسپي ورتي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سي فائيو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ??و اعليٰ مثال آهي، ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڪي ٿري جو افتتاح ڪيو، اڄ سي فائيو جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهيون، اميد آهي ته بنا ڪنهن دير جي ان منص??بي کي اڳتي وڌائينداسين، مشڪل معاشي صورتحال ۾ چين پاران 3.48 بلين ڊالر جي ان منص??بي ۾ سيڙپڪاري واضح پيغام آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي چيني ڪمپنيون ۽ سيڙپڪار تسلسل سان پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهو ان جو عڪاس آهي ته اسان جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري، ماکيءَ کان مـٺي ۽ فولاد کان مضبوط آهي. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ان دوستي کي آئرن برادرز جو نالو ڏنو آهي، پاڪستان کي اقتصادي مشڪلاتون ??رپيش هيون ۽ نائين ريويو جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، آءِ ايم ايف پاران جيڪي شرطون هنيون ويون ??نهن سڀني کي اسان پورو ڪيو ان جي باوجود ان ۾ غيرمعمولي دير ڪئي وئي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي مدد ڪئي، هي دوستي ان ضرب المثل جو هڪ عمده مثال آهي ته ”دوست اهو جيڪو مشڪل ۾ ڪم اچي“. وزيراعظم چيو ته چين کانسواءِ اسان جي عظيم دوست سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ هاڻي به ڪري رهيا آهن، هن مشڪل وقت ۾ چين جي مالي مدد اهم آهي، ان تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. هن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم جي ان معاهدي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي ان جا ٿورا مڃيا، چيني ناظم الامور ۽ ٻين جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته هي ميان نواز شريف جو ويزن آهي، هن 1993ع ۾ پهريون ڀيرو چين سان جوهري توانائي جو معاهدو ڪ??و هو. هن چيو ته چيني قيادت پاڪستان جي جيڪا بي مثال مدد ڪئي آهي ۽ قرضن جي تجديد ڪئي آهي اهو بي مثال دوستي جو بهترين نمونو آهي، چين پاڪستان جي انهن با??عتماد دوستن ۾ شامل آهي جيڪي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيا. وچ اوڀر ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ڪويت اسان جي مدد ڪئي، اسان دوستن جي مدد ۽ معاونت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.