اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شه??دن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، ??پا??ي جهانگير خ??ن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شه??دن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن بهادر ج??انن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شه??دن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر ج??ان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.