ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ??ي چيئرمين ۽ پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پا??ٽي سڪرنڊ تعلقي جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر بشير احمد جمالي سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پا??ان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ مرحومه جي لاءِ جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.