اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح جي ا??ار?? جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن ۽ هنر موجب نوڪريون ڏيڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن بابت قومي تربيتي مرڪز اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول چيو ته خصوصي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، نجي شعبو وڌيڪ انگ ۾ خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏي، خصوصي ماڻهو محنتي ۽ هنرمند آهن، آجر انهن بابت مثبت ر??ءِ رکن ٿا. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ معاشي شموليت جي ل??ءِ انهن کي ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻي تمام اهم آهي. خاتون اول قومي تربيتي مرڪز ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس پاران 104 خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ جي واعدي کي ساراهيو. هن ڪرسٽوفر بلائنڊ مشن پاران خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ل??ءِ 25 ڪٽس جي فراهمي کي ساراهيندي چيو ته سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار ۽ فلاحي تنظيمون خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي ل??ءِ وڌي چڙهي ڪم ڪن. خاتون اول چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا هڪ ??ئي جي طرزعمل، معياري طر??قيڪار ۽ تجربي مان سکي سگهن ٿا، اسڪولن کي خصوصي ٻارن جي ل??ءِ موزون بڻائڻ جي ل??ءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي استادن کي وڌيڪ انگ ۾ تربيت ڏيڻي پوندي، استادن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ل??ءِ انهن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏئي سگهجي ٿي. هن بئنڪن، پارڪن، بازارن ۽ عوامي جاين تي محفوظ ۽ استعمال جوڳا ريمپ تعمير ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن کي درپيس مسئلن بابت وڌيڪ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ خاتون اول کي قومي تربيتي مرڪز ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. خاتون اول کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن کي ڪمپيوٽر، ڪرافڪ ڊيزائن، موبائيل ريپئرنگ سميت مختلف هنر سيکاريا وڃن ٿا، اسلام آباد جي مختلف اسڪولن ۾ 1700 کان وڌيڪ خصوصي ٻار عام ٻارن سان گڏ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، خصوصي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ل??ءِ قومي تربيتي مرڪز هيستائين 850 استادن جي تربيت مڪمل ڪري چڪو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي مرڪز ۾ موجود مختلف ليبارٽرين ۽ تربيتي سهولتن جو جائزو ورتو. هن خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر فراهم ڪرڻ تي مرڪز جي خدمتن کي ساراهيو. خاتون اول نجي شعبي جي تعاون سان خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ جي ل??ءِ مرڪز جي قدمن کي پڻ ساراهيو. خاتون اول تربيت مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.