اسلام آباد – 23 ??? ف??بروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??چ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ميمبر ايگريمينٽ (ٽيفا) ڪائونسل جو نائون اجلاس هن وقت واشنگٽن ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ??يفا ڪائونسل جي اجلاس جي گڏيل صدارت وفاقي وارو وزير سيد نويد قمر ۽ آمريڪي واپاري نمائندو ڪيٿرين تائي ڪئي. ٽيفا ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي ??اءِ هڪ فورم فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ آمريڪي مارڪيٽ تائين پاڪستاني برآمدات جي ??هچ جي ڳولا به شامل آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ ڌريون واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي تعاون ۾ گذريل سال ٿيندڙ ٽيفا انٽر سيشن اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي طريقي سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. هن چيو ته اڄ جو ٽيفا ڪائونسل جو اجلاس هن سال آمريڪا سان اعليٰ سطحي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ترجمان چيو ته اهو تعاون جي ??سيع البنياد ٻطرف?? ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مثبت رفتار وڌائڻ جي ??اءِ ٻنهي ڌرين واڳيل اهميت جي ??شاندهي ڪري ٿو. آمريڪا پاڪستان ٽيفا ڪائونسل جو آخري اجلاس 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.