اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ??ه مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي ??نهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والار??ل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني ق??م بند ڪري ۽ والار??ل فلسطيني علائقن ۾ مسلمانن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قر??ردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.