اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سي??ريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سي??ريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان ??و پهريون باقاعده دورو هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي تعاون تنظيم جو سي??ريٽري جنرل وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير س??ن پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سي??ريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??و پڻ دورو ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سي??ريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو ??وق??و پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي تعاونت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت س??ن پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سي??يورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سي??ريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ جو ??وق??و فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.