مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) مظفر آباد ۾ 27 آڪٽوبر 1947ع والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوجي قبضي جي ??لاف پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي ??هتمام هيٺ سخت احتجاج ڪيو ۽ شهر جي فضا ڀارت مخالف ۽ آزادي جي نعرن سان گونجندي رهي. مظاهرين جو شهر جي مرڪزي رستي تي مارچ گڏيل قومن جي مبصرن کي ڀارتي قبضي جي ??لاف قرارداد پيش ڪئي وئي، 27 آڪٽوبر 1947ع ??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي جبري فوجي قبضي جي ??لاف سڄي رياست ۾ شديد احتجاج ڪيو ويو. گادي واري شهر ۾ پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي ??هتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي ??لسلي ۾ برهان واني شهيد چوڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ڪاري ڏينهن جي ??يلي ۾ سوين شهرين شرڪت ڪئي، ڪشميري شهرين هٿن ?? زنجيرون ۽ مٿي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. مظاهرين بينرز کڻي رکيا هئا جن تي 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڀارتي فوجي قبضي جي ??لاف مذمتي جملا لکيل هئا.