اسلام آباد 211; 12 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته موسمياتي تبديليون سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهن، پاڪستان ۾ 33 م??ين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، عالمي بئنڪ ٻوڏ جي نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي، ٻوڏ متاثرن جي وڏي آبادي جي ??حالي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اڪيلي سر ڪنهن ملڪ جو ڪم ناهي، ٻوڏ سبب شديد متاثر انفرا اسٽرڪچر جي ??حالي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي ??ورتحال تمام خراب آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ اهي علائقا جيڪي سمنڊ جي ??طح کان هيٺ آهن، اتان پاڻي ڪڍڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي، سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جو اهڙو عمل پهريان ناهي ڏٺو ويو، موسمياتي تبديلي ڪري برساتن ۽ ٻوڏ پراڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ??باهڪارين سان ٿيل نقصان جو ورلڊ بئنڪ 40 ب??ين ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو آهي، 33 م??ين ٻوڏ متاثر تمام وڏو انگ آهي، جيڪو آسٽريليا جهڙي وڏي ملڪ کان ساڍا 7 م??ين وڌيڪ آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 م??ين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي ??حالي لاءِ 40 ب??ين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو جڏهن ته هن ڪاٿي ۾ احتياطي ڪرڻو پوندو. 20.6 م??ين متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، هي پرتگال ۽ سوئيٽزرلينڊ جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ??دت ايتري قدر هئي ته 13000 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، جن جي ??حالي لاءِ وسيلن جي ??رورت آهي، 436 پل تباهه ٿيا جن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٿيندو، 1400 صحت مرڪزن کي نقصان پهتو يا اهي مڪمل تباهه ٿيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اڃا به صحت جا مرڪز، ڊسپينسريون وغيره اڃا به پاڻي هيٺ آهن، صحت جي ??المي اداري جي ??نگن اکرن مطابق 8.2 م??ين ماڻهن کي ارجنٽ هيلٿ ڪيئر جي ??رورت آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، 6 لک عارضي ش??لٽر بڻايا ويا آهن ۽ اڃا 7.9 م??ين کي امداد جي ??رورت آهي. ان حوالي سان جنيوا ۾ پڻ فليش اپيل ڪئي آهي. 9.4 م??ين ايڪڙ تي بيٺل ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نقصان سان 14 م??ين ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا. ٻوڏ سان مجموعي طور تي متاثرن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن. متاثرن ۾ 65 ارب رپين جي ??مداد ورهائي وئي آهي. ٻوڏ سبب چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جو نقصان ٿيو. جيڪو ڪيش ڪراپس ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 79 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 14 سيڪڙو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي 25 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهتو آهي.