واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خا?? ملڪ ۾ آيل ٻوڏکي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ??رورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو منهن ڏس??و پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي، جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون شيون آهن، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي ??جيان ڪنداسين. مسعود خا?? چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ??ائزو وٺي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني همدردي جي ??نياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.