ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظه??ر ڪ??و آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳا??ها??يندي چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هول??اڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آوا?? کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان م??ها??ڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.