پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ??وڏ متاثرين سان گڏ بيٺل آَهي ۽ آخري متاثر شخص جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين ڪوششون جاري رکندي. هتي ميران ڊيره اسماعيل خان ۾ ??وڏ متاثرين کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ??وڏ سبب فوت ٿيندڙ هر هڪ وارث کي 10 لک رپين جي امداد فراهم ڪري رهي آهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 لک رپيا فراهم ڪري رهي آهي. تباهه ٿيندڙ هر گهر جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ??وڏ متاثرين کي پنهنجي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته معاوضي جي رقم فوتي جي زندگي جو متبادل نه آهي پر ان جي پونئيرن جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ??وڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏج?? ڪم ڪري رهيون آهن، بلوچستان ??وڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر فوت ٿيندڙ جي وارث کي 10، 10 لک رپيا معاوضو فراهم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مدد سان هڪ گڏيل سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چوپائي مال، فصلن ۽ ٻين ??وڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳائي سگهجي. سروي سان ??وڏ کان متاثر سمورن مستحق ماڻهن کي معاوضو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ??وڏ خاص طور تي بلوچستان ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر بشمول پلين کي پڻ متاثر ڪيو آهي جن جي نئين سر تعمير جي لاءِ سروي پڻ ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ??وڏ تي ڪا سياست نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ??وڏ متاثرين جي امداد لاءِ گڏج?? ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊي آءِ خان ۾ ??وڏ جي تباهين ۽ امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته تازي طوفاني برساتن ملڪ ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪراپس، سول ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن اين ڊي ايم اي کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو آهي جنهن ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ ضلعي سميت خيبرپختونخواهه جي ??وڏ متاثرين جي فوري مدد ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تازي ??وڏ سبب ڊي آءِ خان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ميران جو علائقو آهي ڊي آءِ خان ۾ ??وڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي سروي جاري آهي جتي ??وڏ سبب ڪا به فوتگي ناهي ٿي جڏهن ته 293 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 1720 ايڪڙ تي فصلون متاثر ٿيون. بعد ۾ وزيراعظم ??وڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيراعظم ٽانڪ ضلعي جي ??وڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن متاثرين سان ملاقات ڪئي. کيس ٽانڪ ۾ ??وڏ سبب ٿيندڙ نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سان گڏ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، پي ايم ايل اين ۽ جي يو آءِ ايف جي قي??دت پڻ موجود هئي.