اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين ??يو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن جي خل??ف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏي??هن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والا??يل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والا??يل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏي??هن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن ??يو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن ??يو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن ??يو ته ڪشميري عوام ۽ ا??هن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪ??هن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.