اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاع?? حسين جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاع?? حسين وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاع?? حسين جون تجويزون تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير ??يما، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير ??وڌري سال?? حسين، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حسين ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان پڻ موجود هئا.