اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان کي عقل جي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي، انهي لاءِ پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو، عمر??ن خان جي عقل ۾ آئين جي ڳالهه اچي وڃي ها ته اڌ رات جو عدالت جا دروازا نه کلن ها، عمر??ن خان کي عقل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته عوام دشمن شرطن تي اکيون بند ڪري معاهدن تي صحيحون نه ڪري ها، عمران کي عقل هجي ها ته معيشت تباهه، روزگار ختم ۽ تاريخي مهانگائي سان عوام جو ساهه بند نه ٿئي ها، امپورٽيڊ ترجمان پنهنجي ريجيڪٽيڊ ليڊر جي مجروح انا جي تسڪين لاءِ روز نوان ڪو?? ڳالهائيندا آهن. پي ??ي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمر??ن خان کي عقل هجي ها ته ت??هان جهڙا اڌارا ترجمان هجن ها؟ عمر??ن خان ۾ عقل هجي ها ته فرح گوگي جي ذريعي ڪرپشن ڪري ها؟ توشا خانه جي قومي امانت ۾ خيانت ڪري ها؟ پنهنجي چئن سالن جي 20 هزار ارب جي تاريخي قرض وانگر ڪو?? ڳالهائي پنهنجي گناهن جو روزاني بار وڌائي رهيو آهي، هن چ??و ته عملي طور تي توهان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر توهان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو، جيڪي ماڻهو پاڻ نه ويا انهن کي آئين جي طاقت سان ڪڍيو ويو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمر??ن خان حقيقت کي تسيلم ڪري، عوام فيصلو ڪري چڪي آهي، ان جي سامهون سر جهڪائي، عوام فيصلو ڪ??و ته عمر??ن خان جي نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن کان جان آجي ڪرائي وڃي، باقي الحمد الله اسان آجي ڪرائي ڇڏي آهي.