اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ج?? عوام ۽ سڄي دنيا جا مسل??ان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ اسلامو فوبيا جي تازن واقعن تي سخت ڏکويل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏ??و ته اها انهن واقعن جي مذمت ڪري ۽ اهڙي قسم جي ڪڌن روين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان کي اسلامو فوبيا جي خلاف متحد ٿيڻو پوندو.