اسلام آباد – 11 – ??پر??ل (اي پي پي) مسلم ??يگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعل??ن ڪيو ته محمد شهباز شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعل??ن ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻا??ر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ??يگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي، محمد شهباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين ??خالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ??يو ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز شريف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 ??پر??ل 2022ع تائين ??خالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.