اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ فيصلا حر??م جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي، عمران خان ??ه رڳو پاڪستان ??ر امت جو ليڊر آهي، هي جنگ عمران خان ??اڪستان جي لاءِ ن?? مسلمان امت جي لاءِ کٽيندو، عو??م جي خواهش آهي ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان ??جن. پريڊ گرائونڊ ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته انسان جي سڃاڻپ ان سان ??ئي ته ان جي مخالفت ڪير ڪري رهيو آهي، هن وقت عمران خان جي خلاف اهي ماڻهو بيٺل آهن جيڪي سياست ۾ حر??م جو پئسو استعمال ڪري رهيا آهن، انهن مان ??ڪ جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن. ٻيو فضل الرحمان آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي مولانا چوي ٿو پر چوي ٿو ته جو بائيڊن دنيا جو ليڊر آهي، اهو فضل الرحمان جو ليڊر ٿي سگهي ٿو پر اسان جو نه آهي. وزيراعظم عمران خان جي خلاف ٽيون اهو بيٺل آهي جيڪو بوٽ ??ال?? ڪري ٿو، هاڻي بوٽ ختم ٿي ويا ته هو ولايتي بوٽ ??ال?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آهي، هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ سياسي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آهي ۽ نه ئي فيڪٽريون ٺهي رهيون آهن، عمران خان ??ن ملڪ جي نوجوانن جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ فيصلا حر??م جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي. هي جنگ پاڪستان جي جنگ آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي هن ملڪ جي ماضي جي حڪمرانن جي چوري جو پئسو ملڪ کان ??اهر پيل آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان دنيا کي ٻڌايو ته اسان امن سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا پر اسان کي غلامي قبول نه آهي. هن چيو ته دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف جنوني مهم جوئي ٿي، ڪڏهن ڪارٽون ڇپيا ۽ ڪڏهن اسان جي مقدس شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو، بدقسمتي سان حرام کائيندڙ حڪمرانن کي جرئت نه هئي جو اهي معاملو اٿارين، وزيراعظم عمران خان اکين ۾ اکيون وجهي چيو ته اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ واضح ڪيو ته حرمت رسول ﷺ جي لاءِ جان به قربان آهي، وزيراعظم ان ۾ سرخرو ٿيو ۽ هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن تحت ڏينهن ملهايو ويندو. هن وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪوڙي شيءَ آهي، توهان ??ه رڳو پاڪستان ??ر امت جا ليڊر آهيو، هي جنگ توهان ??اڪستان جي لاءِ ن?? مسلمان امت جي لاءِ کٽيندا، اليڪشن 2023ع ۾ ٿينديون پر جهڙي طرح توهان ??وم کي جاڳايو، منهنجي دل چوي ٿي ته اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏيو انهن کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ محبت اقتدار جي هوندي آهي ۽ هڪ محبت عو??م جي هوندي آهي. عوام وزيراعظم سان ??حبت ڪري ٿي. هن چيو ته چور ۽ ڦورو گڏ ٿي ويا آهن، گينگ آف ٿري قزافي، صدام حسين ۽ اسامه جو مال نه ڇڏيو، نواز شريف سازش ڪري لنڊن ويو، اڄ انهن جي جلسي جي حالت ڏسو ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قوم مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي مهانگائي کي برداشت ڪيو آهي پر انهن جي خواهش آهي ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان ??جن. عمران اسماعيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻه چوها لنڊن ۾ لڪل آهن ۽ ٽي پاڪستان ۾ آهن.