اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان ٻطرفن گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پ??را??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪس??ان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا جي ڪردار ??ي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.