اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت جي هائوسنگ منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي بهتر ۽ آسان بڻائڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 1.4 ٽريلين روپيا ماليت جي 70000 کان وڌيڪ هائوسنگ پروجيڪٽس جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان تعميراتي صنعت تي مجموعي طور تي 7.3 ٽريلين روپين جو اثر پوندو ۽ 12 لک نوڪريون پيدا ٿينديون، هي پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي ته ڪل 80000 درخواستن مان 130 ارب روپين جي 35420 درخواستن کي منظور ڪي?? ويو آهي، هن وقت تائين 13407 درخواستون ڏيندڙن کي مجموعي طور تي 46 ارب روپيا فراهم ڪيا ويا آهن. هو اسلام آباد ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت اين سي سي جي ??ج??اس جي ??دارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته هفتيوار 7 ارب روپين جون درخواستون ملي رهيون آهن جنهن مان 4 ارب روپيا منظور ۽ 2 ارب روپيا هر هفتي ورهايا پيا وڃن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جوڙيل نظام موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت گهٽ ۽ وچولي آمدني واري طبقي کي گهٽ قيمت گهرن جي فراهمي جي ??والي سان تمام وڏو سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي ??ڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج مالياتي دارن کي اشرافيه واري سوچ کي تبديل ڪرڻ ۽ عام ماڻهن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ هو، وزيراعظم چيو ته منظور ٿيل ۽ ورهايل قرضن جي ??نگن اکرن ۾ 36 لک ماليت جي ??راسري قرض ظاهر ڪري ٿو ته سبسڊي وارن قرضن جو سڀ کان وڌيڪ فائده وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي آهي، هن چيو ته حڪومت جي ??خري ٽن سالن ۾ هائوسنگ فنانس ۾ 148 سيڪڙو اضافو ۽ ڊسمبر 2022ع تائين 517 ارب روپين جي متوقع منظوري حڪومت پاران گهٽ لاڳت هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي ??ڪاسي ڪري ٿي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي منشور موجب حڪومت اسان جي ??ي ڊي پي جي مقابلي ۾ هائوسنگ فنانس ۾ هر سال هڪ سيڪڙو جو اضافو ڪرڻ جي ??رف ۾ اڳتي وڌي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن کي گهرن جي ??عمير ۽ فراهمي ۾ تيزي ايندي. اج??اس کي ٻڌاي?? ويو ته پاڪستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ لاڳت جي گهرن لاءِ هڪ پائيدار ايڪو سسٽم تيار ۽ ان تي عملدرآمد ڪي?? ويو آهي جنهن سان اهو شعبو تيزي سان ترقي جي قابل ٿيو آهي، فور ڪلوزر قانون کي ان جي ??وح موجب لاڳو ڪي?? ويو آهي ۽ سبسڊي مارڪ اپ (محض 2سيڪڙو) سان ڊگهي مدي واري (20 سالن تائين) قرض ڏنا پيا وڃن، ان کانسواءِ گهٽ آمدني وارن هائوسنگ اسڪيمن جي لاءِ 300،000 روپين جي لاڳت جي ??بسڊي ۽ 90 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ جي نتيجي ۾ نجي ??عبي جي ??وصلا افزائي ٿي آهي، جيڪي اسڪيمن تحت هائوسنگ يونٽس جي ??عمير ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي، انهن منصوبن ۾ اربن، پيري اربن، اربن ري جنريشن، حڪومتي مالي مدد سان هلندڙ ۽ نجي ??عبي جا منصوبا شامل آهن، اج??اس کي درخواست جي وصولي ۽ ڪارروائي جي ??فاف ۽ خودڪار طريقيڪار جي ??اري ۾ به ٻڌاي?? ويو جنهن جي نتيجي ۾ ضرورتمند گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن کي سهولت ڏني وئي آهي، اهي ترقياتي ادارن طرفان پاڻمرادو ايپليڪيشن ٽريڪنگ سسٽم سان گڏ ون ونڊو ڊجيٽل پورٽل جي ??رقي سان يقيني بڻايو پيو وڃي، اج??اس کي 2018ع کانپوءِ هن وقت تائين گهٽ لاڳت گهرن جي ??عميراتي سرگرمين بابت مجموعي انگن اکرن کان به آگاهه ڪي?? ويو، اج??اس کي ٻڌاي?? ويو ته مجموعي طور تي 161،924 گهٽ لاڳت جي هائوسنگ يونٽس جي منظوري ڏني وئي، جنهن مان 45191 يونٽس تعمير هيٺ آهن ۽ 20898 يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن، ياد رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران سبسڊيز، فور ڪلوزر قانون ۽ گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيمن کان اڳ اهو شعبو تباهي جو شڪار هو، حڪومتي مالي مدد سان هلندڙ گهٽ لاڳت جي هائوسنگ پراجيڪٽس جي ??فصيلن موجب فراش ٽائون ۾ 4000 يونٽس، ايل ڊي اي سٽي ۾ 4000 يونٽس، جلوئي ۾ 1320 يونٽس، راءِ ونڊ ۾ 245 يونٽس، سرگوڌا ۽ چنيوٽ ۾ 324 يونٽس ۽ انگوري روڊ ۾ 1800 يونٽس تي ڪم جاري آهي جيڪو 2022ع جي پڄاڻي کان پهرين مڪمل ٿي ويندا، اج??اس کي اهو به ٻڌاي?? ويو ته فڪسڊ ٽيڪس ريجيم تحت ايف بي آر پورٽل تي 627 ارب روپين جا ڪل 2507 منصوبا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن جنهن جو معيشت تي 3.135 ٽريلين روپين جو اثر پيو آهي، اج??اس ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعطم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، اين اي پي ايڇ ڊي اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، آر يو ڊي اي جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمران امين ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.