بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چي?? جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چي?? جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪ?? جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني مع??شت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظ?? چي?? جي دوري دوران چي?? جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميش?? جي چيئرمين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چي?? جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چي?? جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪ?? جي تعاو?? جي ڪري سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وزيراعظ?? چيو ته چي?? جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آهي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪ?? جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وزيراعظ?? چيو ته سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني مع??شت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پيڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ٺوس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستا?? جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظ?? چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنه?? جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪ?? جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظ?? چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو معاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنياد?? جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چي?? جي قومي ۽ سڌارا ڪميش?? جي چيئرمين هي لي پنگ چيو ته چين سي پيڪ منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپ?? جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادار?? جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چي?? جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاو?? جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيح?? جي آجيان ڪئي جيڪا چي?? جي صنعتي ڌرين کي سي پيڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پاران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.