اسلام آباد – 03 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪتاب پيش ڪيو و??ند??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي ح??الي سان تيار ڪيل پچ بڪ ۾ شعباجاتي بنيادن تي تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شعبن ۽ حڪومت پاران انهن شعبن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي تي اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن ک?? پيش ڪندا. ان ڪتاب ??و مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.