اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ا??غا??ستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجو??زو?? پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ا??غا?? عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ??رڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت ا??غا?? عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چ??و ته ا??غا??ستان کي انساني الميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چ??و ته اسان کي ا??غا?? عوام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي ا??غا?? نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن ا??غا?? عوام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ ا??غا?? عوام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي ا??غا?? عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ت?? فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چ??و ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ ا??غا?? عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ا??غا??ستان ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وزير چ??و ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شرط جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ا??غا??ستان ۾ وڏي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وزير چ??و ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته ا??غا??ستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان ا??غا??ستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي، هن وقت ا??غا??ستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي لاءِ ا??غا??ستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.