اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي نادرا (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ??يان موجب صدر مملڪت آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 تحت جاري ڪيو آهي، آرڊيننس سان نادرا آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آ??ي. ??رميمي آرڊيننس تحت سموريون ايجنسيون نادرا کي فورن ڊيٽا مهيا ڪرڻ جون پابند هونديون ۽ ڊيٽا مهيا نه ڪرڻ کي بي ضابطگي تصور ڪيو ويندو جڏهن ته لاڳاپيل قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.