اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جاري آه??، اسان تعميراتي صنعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل صنعت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو، اڄ اس??ن جون صنعتون پوري صلاحيت سان ڪم ڪري رهيون آه??، 2017ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ٺهندڙ رستن تي ايندڙ لاڳت اڌ آه??، اسان ڪرپشن کان پاڪ منصوبا شروع ڪيا جن تي ڪير آڱر نه ٿو کڻي سگهي، جهلم جي ٻن ڦاڪن واري رستي واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن سان رابطو قائم ٿيندو، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سياحت کي فروغ ملندو، فصلن کي مارڪيٽ تائين پهچ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 128 ڪلوميٽر ڊگهي جهلم – للها ڊوئل ڪيرج وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، چونڊيل نمائندن ۽ جهلم جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم شهيدن ۽ غازين جو علائقو آه??، اس??ن جي قبرستانن مان شهيدن جي رت جي خوشبو ايندي آه??. هن چيو ته ڪنهن هن علائقي جي لاج رکي آه?? ته اهو وزيراعظم عمران خان آه??، عمران خ??ن جڏهن جهلم آيو ته هن واهه جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو پڄاڻي تي پهتو. ان واهه جي تعمير بابت ملڪه برطانيا 1906ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم کي خط لکيو هو، 1906ع کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ان منصوبي کي 2020ع ۾ پڄاڻي تائين پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مون کان وڌيڪ جهلم ۽ پنڊ دادن خان کي ڄاڻي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽي رستا نارٿ پنجاب روڊ نيٽ ورڪ جوڙين ٿا، منگلا – ميرپور روڊ ڊوئل ڪيرج وي بڻجي وئي آه??، ڪشمير مان سڄي ٽريفڪ کي ان روڊ تائين پهچي ملي وئي آه??، جهلم – للها روڊ جي ذريعي جي ٽي روڊ موٽروي سان ڳنڍجي ويندو، ڪشمير جي ماڻهن کي لاهور يا را??لپندي وڃڻو نه پوندو. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو ان رستي جي ذريعي موٽروي تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا جنهن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو سفر بچي سگهندو. هن چيو ته سيالڪوٽ موٽروي کي را??لپنڊي تائين توسيع ڏيڻ جو فائدو چڪوال، جهلم، ميرپور ۽ گجرات سان گڏوگڏ اسلام آباد کي به ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ گرين ايرياز تيزي سان ختم ٿي رهيا آه??، اهي رستا ٺهڻ سان اسلام آباد کي ڀرپاسي وارا علائقا دستياب هوندا جنهن سان وڏي آبادي فائدو کڻي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن جي حڪومت کان اڳ اهڙي قسم جي منصوبن بابت ڪنهن به سوچيو نه هو، ماضي ۾ رستن جي منصوبن ۾ ڪميشن حاصل ڪئي وئي، انهن منصوبن ۾ پنهنجي ماڻهن کي نوازيو ويو، 2021ع ۾ ٺهندڙ رستي تي ايندڙ لاڳت 2017ع جي ڀيٽ ۾ اڌ آه??. هن چيو ته اڄ ڪرپشن کان پاڪ رستن جا منصوبا جاري آه??، انهن منصوبن تي ڪير آڱر نه ٿو ڻي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب آندو آه??، تعميراتي صنعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، اڄ اس??ن جون صنعتون پوري صلاحيت سان هلي رهيون آه??، آبادگارن کي انهن جي فصل جي پوري قيمت ملي رهي آه??، اهي اهڙا قدم آه?? جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن نه کينا ويا. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جي 70 سالا خرابين کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، پاڪست??ن جي باشعور عوام جو اڄ ڪو ليڊر آه?? ته اهو عمران خان آه??. ڪراچي کان خيبر تائين ۽ گوادر کان لاهور تائين عمران خ??ن جو ووٽ بئنڪ موجود آه??، پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آه?? جيڪا پاڪست??ن جي ڳالهه ڪري ٿي، اسان ڪڏهن فرقيواريت ۽ صوبائيت تي ٻڌل سياست نه ڪئي. هن چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جهلم سميت ٻين علائقن جي اڪانومي تبديل ٿي ويندي. سياحت کي فروغ ملندو، منصوبو شروع ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خ??ن جا ٿورا مڃون ٿا.