اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان جي بي مثال قربانين کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪس??ان کي ??فغ??نس??ان جي جنگ جي نتيجن تي الزام هڻڻ نه گهرجي، الزام بازي جو رويو ختم ڪري ??فغ??نس??ان جي مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي، صحيح قدم اهو آهي ته ??فغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ نئين ??فغ??ن حڪومت سان تعاون ڪيو وڃي، طالبان جي حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ رابطو هر هڪ جي لاءِ مثبت مفاد رکندڙ هوندو، ماضي جي غلطين کي ورجايو ته بي چيني، وڏي پئماني تي پناهگيرن ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا وڌندا ۽ سموريون ڌريون متاثر ٿينديون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??فغ??نس??ان بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ تازي بريفنگ کي ڏسي حيرت ٿي ته ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪي اتحادي جي حيثيت سان پاڪس??ان جي قربانين جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو پر ان جي بدران اسان کي آمريڪا جي نقصان جو ذميوار قرار ڏنو ويو، 2001ع کانپوءِ بار بار خبردار ڪندو آيو آهيان ته ??فغ??ن جنگ کٽي نه ٿي سگهجي ڇو ته ??فغ??ن ڪڏهن به ڊگهي پرڏيهي فوجي تسلط کي قبول نه ڪيو ۽ پاڪس??ان سميت ٻاهران ڪير به ان حقيقت کي تسليم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته بدقسمتي سان نائن اليون کانپوءِ پاڪستاني حڪومتن غلطي جي نشاندهي ڪرڻ بدران آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت جي پاڪس??ان جي فوجي حڪمران پرويز مشرف نائن اليون کانوءِ آمريڪا جي هر مطالبي تي اتفاق ڪيو جنهن جي پاڪس??ان ۽ آمريڪا کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. آمريڪا پاڪس??ان کي چيو ته انهن گروپن کي نشانو بڻايو جن جي سي آءِ اي ۽ اسان جي ڳ??هي ايجنسي آءِ ايس آءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ??فغ??نس??ان ۾ سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي تربيت ڪئي هئي، ان وقت انهن ??فغ??نين کي آزادي پسند قرار ڏئي ساراهيو ويو هو، صدر رونالڊ ريگن وائيٽ هائوس ۾ مجاهدن جي ميزباني پڻ ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته جڏ??ن سوويت يونين کي شڪست ڏني وئي ته آمريڪا ??فغ??نس??ان کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، پاڪس??ان ۾ 40 لک کان وڌيڪ ??فغ??ن پناهگير ۽ ??فغ??نس??ان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، انهي سيڪيورٽي خال دوران طالبان اڀري آيا جن مان ڪيترائي ??فغ??ن پناهگير ڪئمپن ۾ پيدا ٿيا ۽ انهن پاڪس??ان ۾ تعليم حاصل ڪئي. نائن اليون کانپوءِ آمريڪا کي اسان جي ٻيهر ضرورت پئي پر هن ڀيري انهن ماڻهن جي خلاف جن جي اسان عيرملڪي قبضي سان وڙهڻ جي لاءِ گڏجي حمايت ڪئي هئي، پرويز مشرف آمريڪا کي لاجسٽڪس ۽ هوائي اڏن جي آڇ کانسواءِ سي آءِ اي کي پاڪس??ان ۾ پنهنجا قدم ڄمائڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته اسان جي سرزمين تي پاڪس??ان تي بمباري ڪندڙ آمريڪي ڊرون کي نظرانداز ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪ فوج پهريون ڀيرو پاڪ ??فغ??ن سرحد تي نيم خودمختيار قبائلي علائقن ۾ داخل ٿي ۽ اهو ئي علائقو ان کان اڳ سوويت يونين جي خلاف جهاد ۾ استعمال ٿيندور هيو آهي، انهن علائقن جي آزاد پشتون قبيلن جا طالبان ۽ ٻين عسڪريت پسندن سان گهرا لاڳاپا هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته انهن ماڻهن جي لاءِ ??فغ??نس??ان ۾ آمريڪا به سوويت يونين وانگر هڪ قابض ملڪ هو جيڪو اهڙي ئي سلوڪ جو مستحق هو، ان وقت جيئن ته پاڪس??ان آمريڪا جو ساٿي هو، ان لاءِ اسان کي قصوروار سمجهندي اسان تي حملا ڪيا ويا. پاڪس??ان جي سرزمين تي 450 کان وڌيڪ آمريڪي ڊرون حملا ڪيا ويا جن سان پاڪس??ان تاريخ جو اهو واحد ملڪ بڻجي ويو جنهن تي اتحادي ئي بمباري ڪئي، انهن حملن سان شهري وڏي پئماني تي مارجي ويا، جن??ن سان آمريڪا مخالف ۽ پاڪستاني فوج جا جذبا وڌي ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي خلاف 2006ع ۽ 2015ع جي وچ ۾ 50 عسڪريت پسند گروهن جهاد جو اعلان ڪيو 7 اسان تي 16 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا ويا، پاڪس??ان کي 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو جاني نقصان کڻڻو پيو ۽ ملڪي معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، ان ڏس ۾ پاڪس??ان جي 35 لک شهرين کي انهن جي گهرن کان بي گهر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن دوران فرار ٿي ??فغ??نس??ان ۾ داخل ٿيندڙ عسڪريت پسندن ڀارتي ۽ ??فغ??ن انٽيلي جنس ايجنسدين جي مدد ۽ مالي تعاون سان پاڪس??ان جي خلاف وڌيڪ حملا شروع ڪيا. هن چيو ته پاڪس??ان کي پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻي پئي، ڪابل ۾ سي آءِ اي جي هڪ اڳوڻي اسٽيشن چيف 2009ع ۾ لکيو هو ته آمريڪا جي سڌوسنئون سخت دٻاءُ سان ملڪ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا ۽ ان جي باوجود آمريڪا اسان کان ??فغ??نس??ان جي جنگ جي لاءِ ڊو مور مطالبو ڪندو رهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان جي هڪ سال اڳ 2008ع ۾ ان وقت جي سينيٽرز جو بائيڊن، جان ايف ڪيري، هيري ايم ريڊ ۽ ٻين ماڻ??ن سان ملاقات ڪئي، مون ان خطرناڪ صورتحال طرف انهن جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ??فغ??نس??ان ۾ جاري بيڪار فوجي مهم بابت انهن کي ٻڌايو. وزيراعظم چيو ته نائن اليون کانپوءِ سموري عرصي ۾ اسلام آباد ۾ سياسي مفاد غالب رهيو، صدر آصف زرداري جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي پاڪس??ان جي قيادت ڪندڙ سڀ کان ڪرپٽ شخص آهي، ان آمريڪا کي چيو ته هو پاڪستانين کي نشانو بڻائيندو رهي ڇو ته ضمني نقصان آمريڪين کي پريشان ڪري ٿو ۽ ان سان مون کي پريشاني نه آهي، اسان جو اڳيون وزيراعظم نواز شريف به ان کان مختلف نه هو. پاڪس??ان پاران 2016ع تائين دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ باوجود ??فغ??نس??ان ۾ حالتون مسلسل خراب ٿينديون ويون، پاڪس??ان وٽ هڪ اهڙي منظم فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسي هئي جنهن کي عوامي تائيد ۽ حمايت حاصل هئي جڏهن ته ??فغ??نس??ان ۾ ڊگهي جنگ جي لاءِ جواز جي کوٽ کي هڪ بدعنوان ۽ نااهل ??فغ??ن حڪومت ڳنڀير بڻائي ڇڏيو جنهن کي خاص طور تي ڳوٺاڻي ??فغ??ن عوام پاران ساک کانسواءِ هڪ ڪٺ پتلي حڪومت طور ڏٺو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته ان حقيقت کي منهن ڏيڻ بدران ??فغ??نس??ان جي حڪومت ۽ اولهه حڪومتن پاڪس??ان تي الزام هڻي ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان تي الزام هنيو ويو ته اسان طالبان کي محفوظ پناهگاهون ڏنيون ۽ سرحد جي ٻنهي پاسن ان کي آزاداڻي چرپر جي اجازت ڏني آهي. وزيراعظم سوال ڪيو ته جيڪڏهن ائين هجي ها هت ڇا آمريڪا 450 کان وڌيڪ ڊرون حملن مان ڪجهه جو استعمال انهن مبينا پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ نه ڪري ها؟ هن چيو ته ان جي باوجود پاڪس??ان ٻين قدمن کانسواءِ ??فغ??نس??ان کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ بارڊر ويزيبلٽي ميڪينزم جي آڇ، بائيوميٽرڪ بارڊر ڪنٽرول جي تجويز ۽ سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي تجويز ڏني جيڪا وڏي حد تائين اسان پاڻ ڪئي آهي پر پاڪس??ان جي هر تجويز کي رد ڪيو ويو، ??فغ??ن حڪومت ان جي بدران پاڪس??ان تي الزام بازي جو سلسلو تيز ڪيو جنهن ۾ ان کي ڀارت جي فيڪ نيوز نيٽ ورڪس جي مدد حاصل رهي جيڪو سوين پروپئگنڊه آئوٽ ليٽس ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلائي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وڌيڪ حقيقت پسنداڻو طريقو اهو هو ته طالبان سان تمام گهڻو اڳ ڳالهيون ڪيون وڃن ها ته جيئن ??فغ??ن فوج ۽ اشرف غني جي حڪومت خاتمي جي خفت کان بچي وڃي ها. هن چيو ته يقينن ان ڳالهه تي پاڪس??ان تي الزام نه هڻڻ گهرجي ته ٽي لکان وڌيڪ تربيت يافته ۽ هٿيارن سان ليس ??فغ??ن سيڪيورٽي فورسز گهٽ هٿياربند طالبان سان وڙهڻ کان ڇو قاصر رهي؟ بنيادي مسئلو ??فغ??ن حڪومت جي ڍانچي جو هو جيڪو عام ??فغ??ن جي نظرن م قانوني حيثيت نه رکندو هو. هن چيو ته اڄ ??فغ??نس??ان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ اسان کي ماضي جي الزام بازي کي جاري رکڻ بدران ??فغ??نس??ان ۾ تشدد کي روڪڻ جي لاءِ مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هاڻي دنيا جي لاءِ اهو صحيح قدم هوندو ته ??فغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نئين ??فغ??ن حڪومت سان رابطو رکي، عالمي برادري ??فغ??نس??ان جي حڪومت ۾ وڏن نسلي گروهن جي شموليت، ??فغ??نين جي حقن جو احترام ۽ طالبان جي ان واعدي کي ڏسڻ گهرندي ته ??فغ??نس??ان جي سرزمين کي ٻيهر ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي استعمال نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن طالبان اڳواڻن کي خاطري ڪرائي وڃي ته انهن کي حڪومت هلائڻ جي لاءِ مسلسل انساني ۽ ترقياتي مدد ڏني وڃي ٿي ته انهن وٽ پنهنجي واعدن تي قائم رهڻ جو وڏ?? سبب ۽ صلاحيت هوندي. هن چيو ته اهڙيون مراعتون ڏيڻ سان ٻاهرئين دنيا کي اهو فائدو ٿيندو ته اها طالبان کي پنهنجي واعدن جو احترام ڪرڻ تي راضي ڪندي رهندي، جيڪڏهن اسان اهڙا صحيح قدم کڻندا رهياسين ته اسان اهو حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪو دوحه امن عمل جو مقصد هو، هڪ اهڙو ??فغ??نس??ان جيڪو هاڻي دنيا جي لاءِ خطرو نه هجي، جتي ??فغ??ن چار ڏهاڪن کان تڪرارن کانپوءِ آخرڪار امن جو خواب ڏسي سگهن، ان جي ابتڙ ??فغ??نس??ان کي ڇڏي ڏيڻ، اڳ ۾ به آزمايو ويو آهي، 1990ع جي ڏهاڪي وانگر اهو عمل تمام گهڻو نقصان ج?? سبب بڻجندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افراتفري، وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ عالمي دهشتگردي جو ٻيهر رونما ٿيڻ جو خطرو فطري نتيجو هوندو ۽ ان کان بچڻ يقيني طور تي اسان جي هڪ عالمي ضرورت آهي.