اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغ??نس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي گڏيل ق??من سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغ??نس??ان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغ??نس??ان ۾ وڌندڙ ??نس??ني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغ??نس??ان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ ??نس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.