اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانستان مان پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪي?? آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هولم ملاقات ڪئي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان جو ٿورو ادا ڪي??. صدر چيو ته پ??ڪستان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبرن کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي ف??وغ جي حوالي سان صدر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، ڊينمارڪ جي سفير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي صحت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪي??، اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريقن کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، صدر چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي ف??وغ ڏين ۽ مريضن کي اينٽي بايو ٽڪس جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.