اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي ن??اب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت و??يراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي ن??اب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ??اڪ??ر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي ن??اب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي اسان جي ن??ين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري ن??ي ﷺ جي سيرت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻ??رن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي ن??اب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.