لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخا??ف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏ??ي، مخا??ف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخا??ف ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪ??شش رهي آهي ته حڪومت کي مخا??ف ڌر سان رابطو بڻائڻ گهرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مخا??ف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏ??ي ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخا??ف ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخا??ف ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخا??ف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽين جي اندر ويڙهه جاري آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخا??ف ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌارا، ڪا قانونسازي هجي مخا??ف ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.