اسلام آباد – 19 ج??ن (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ?? ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن ک?? تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.