اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ درپيش ??ڪا??ٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني ق??من جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ ??ڪا??ٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، انهن قدمن ۾ ق??نو?? ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ٻين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ک?? آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪار ۾ ترميم شامل آهي.