اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت گهرن جي عوام تائين پهچ لاءِ معلومات جي فراهمي ۽ درخواستن جي وصولي لاءِ موبائيل يونٽ جو افتتاح ڪيو. موبائيل يونٽ نئون پا??ستان هائوسنگ اٿارٽي ۽ نيشنل بئنڪ آف پا??ستان جي سهڪار سان ماڻهن ک?? گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن لاءِ قرضن ک?? حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته موبائيل يون?? پرائم منسٽر هائوسنگ اسڪيم تحت قرضن لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪندو، شروعا??ي طور تي موبائيل يونٽ راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سهولت فراهم ڪندو، ان کانپوءِ پوري پا??ستان ۾ اهڙا موبائيل يونٽ قائم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ موبائيل يونٽ ڪورونا وبا دوران بئنڪن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو