اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي ترقي جي رستي ۾ مشڪلات?? کي فوري حل ڪرڻ، ترقي جي عمل جي مسلسل نگراني ۽ مناسب وقت تي سمورين ڌرين جي مشاورت سان موثر فيصل??سا??ي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي زرعي شعبي جي ترقي هاڻي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. هن اهڙن خي??لن جو اظها?? زراعت بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.