اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز ۽ چوڌري فواد حسين سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته س??اسي لاوارثن حڪومت جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، الطاف حسين ۽ نواز شريف جي سياست هڪ جهڙي آهي، الطاف حسين بڻجڻندڙن کي ان جي انجام جي به خبر هجڻ گهرجي، قومي احتساب بيورو (نيب) خودمختيار ادارو آهي پر اسان ۽ پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته نيب جيڪو به ڪيس شروع ڪري ٿي ان کي منطقي انجام تائين پهچائ??، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آه??، مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪر??، مخالف ڌر جو لانگ مارچ به ميثاق جمهوريت جي آ??ٽي??ل 21 جي خلاف ورزي آه??، مخالف ڌر لانگ مارچ بدران اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندي چونڊ سڌارن ۽ قانونسازي ۾ اسان جو ساٿ ڏ??، مخالف ڌر سان ڪرپشن کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا وبا جي شدت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آهي، 3 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، وبا جي گذريل لهر ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تمام گهڻي ڪ??مياب رهي، وبا جي لاءِ احتياطي تدبيرون ڪرڻ تمام ضروري ٿي ويون. هن چيو ته ويڪسين جو پهريون مرحلو جاري آهي، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين ملي رهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت اهڙي فيز ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن ۾ استحڪام آيو آهي، ڪاروبار مثبت رفتار سان مٿي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، حياتي کان وڌيڪ پياري ڪ?? شيءَ نه آهي. هن چيو ته س??اسي لاوارث ماڻهن هڪ مهم شروع ڪئي آهي، وزيراعظم تي اعتماد جي ووٽ سان انهن کي مايوسي ٿي جڏهن ته س??نيٽ اليڪشن ۾ به انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، مخالف ڌر پنهنجي سياسي موت ڏسي رهي آهي. شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ڳٺ آهي جنهن جو پاڻ ۾ ڪو جوڙ نه ٿو بڻجي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ تي انهن ۾ اختلاف سامهون آيا، سينيٽ جي اليڪشن ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان جي پٺيءَ ۾ ڇڙو گهونپيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪمت عملي تحت روزگار ۽ انساني جانين ٻنهي کي بچايو، اسان جي ڪ??ميابين کي دنيا ساراهيو آهي. اهڙي قسم جي بحرانن ۾ قيادت جي خبر پوندي آهي، عالمي وبا ڪوويڊ 19 ۾ وڏيون وڏيون معيشتون تباهه ٿيون آهن پر اسان جي ڪ??مياب حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ويڪسينيشن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته ڪورونا جي ڪ??ي ٻارن جي تعليمي سال تي خراب اثر پيو آهي، اسان جي حڪمت عملي هئي ته زندگين ۽ روزگار وانگر تعليم به متاثر نه ٿئي، ان ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ٿي آهي، اسان جو تعليم وارو وزير ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آن لائين تعليم کي ملڪي سطح تائين ڦهلايو وڃي، تعليم واري وزارت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.