اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪميٽي 45 ڏينهن ۾ پنهنجي جاچ مڪمل ڪندي، انڪوائري ڪميٽي براڊ شيٽ معاملي ۾ شريف خاندان سميت ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهرئين ملڪن ۾ اثاثا ٺاهيندڙ 200 شخصيتن، 2000ع کان هيستائين ڪيسز روڪرائڻ، معافي ڏياريندڙ سهولتڪارن کي سامهون آڻيندي، سمورن ذمي??ار?? جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، انڪوائري ڪميٽي ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ڪري سگهي ٿي، براڊ شيٽ نه رڳو شريف فيملي جي 850 ملين جي اثاثن جي ??شاندهي ڪئي آهي، شريف فيملي دنيا ۾ ڪرپشن جي ??يدان ?? ڪرپشن جي ري ماڊلنگ ڪئي، سوئس بئنڪ، سري محل، اومني گروپ، ايون فيلڊ اپارٽيمينٽس ڪرپشن جا جدا داستان آهن، مخالف ڌر ٻه ڀيرا اين آر او وٺي چڪي آهي هاڻي ٽئين اين آر او جي ??اءِ تڙپي رهي آهي، پاناما وانگر براڊ شيٽ معاملو به عالمي سطح تي بي نقاب ٿيو آهي ان جي ??وجد پي ٽي آءِ نه آهي، شهباز شريف 7.34 م??ين ڊالر نيب ۾ جمع ڪرايا بعد ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ??يصلي تي نيب اها رقم شهباز شريف کي واپس ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ار?? وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن ??ار?? وفاقي ??زي?? شيرين مزاري پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا.