اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پوري گلگت بلتستان کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ جي ??يگ?? پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت گلگت بلتستان جي سمورن شهري ۽ ٻهراڙي ع??ائقن جي ماسٽر پلان تحت ??ئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گهرن جا نقشا ۽ انهن جي جاءِ، گهٽين جو نظام، پاڻي جي نيڪاسي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ مختلف هنڌن تي سياحن جي سهولت لاءِ بنيادي ضر??رت?? جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.