اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم ??ائ??اعظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ??ائ??اعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم ??ائ?? جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. ??ائ??اعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم ??ائ??اعظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. ??ائ??اعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ قوم جو يوم ولادت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، قوم جي حيثيت سان اسان جي لاءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر ??وڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب ??ائ??اعظم محمد علي جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.