اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ صنعتي ترقي خاص طور تي سيمينٽ جي صنعت جي ترقي ?? فروغ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ صنعتي ترقي جي سلسلي ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون جي جوڙجڪ، سمال انڊسٽريل انٽرپرائز جي حوصلا افزائي، لوڪل ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ هنرمند افرادي قوت تي ڌيان شامل آهي.