اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ور??و آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترج??ح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي ??ختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي ??اءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي ??اءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي ??اءِ گه??ي اهميت رکي ٿو.