اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال ج?? خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سن??س ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي ??يو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود ه?? ڀارت جي قدمن ج?? خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت ج?? خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.