اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي ??وليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ??اهوار رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ادارن جي باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن جي ذاتيات کان بي??ن بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي ??فرور ڀاءُ نواز شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرد?? اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ??يمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.