اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي وسيع تر مفاد، جمهوريت جي تسلسل، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ ??تحادي پارٽين جي تعاون تي ٿورو ادا ڪندي اتحادين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم عوامي مفاد ۾ قانونسازي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قانونسازي لاءِ قائم ڪميٽي کي هدايت ڏني ته عوامي رليف ۽ مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قانونسازي سميت احتساب آرڊيننس ۽ مخالف ڌر جي ترميمن کي باريڪ بيني سان ڏسي، ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي حڪومتي عزم کي سامهون رکندي قانونسازي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مشاورت جي ذريعي قانونسازي جي عمل کي ??ڳت?? وڌايو وڃي، وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته ڪنهن به طرح اسان پنهنجي ادارن جي ساک کي مجروح ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستاني فوج ۽ قومي سلامتي جا ادارا اسان جو فخر ۽ وقار آهن، ڪور ڪميٽي ڀا??تي فضا ۾ مسلمانن جي سان جڙيل نفرت تي خدشن جو اظهار ڪيو . هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهو هو.