اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خطي ۾ ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجڻ جو واضح اعلان ڪندي چي?? آهي ته ماضي ۾ علائقائي تڪرارن جي ڪري پاڪستان تمام گهڻو نقصان کنيو آ??ي، هاڻي ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجندو پر سدائين امن جي حصيدار طور ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه عمان جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزير شيخ عبدالله بن محمد بن عبدالله اسالمي سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سلطان قابوس بن سيدالسيد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.