اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين ک??ن 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، ي??ٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو ح??صل ڪري سگهبو، ي??ٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي ح??صل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خ??ن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي سان گڏ ??يڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.